ملڪ ۾ هلندڙ مهيني عام چونڊن جي سلسلي ۾ 8 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 8 فيبروري تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. سموري ملڪ جون سرڪاري ۽ نجي آفيسون تعليمي ادارا ۽ ڪاروباري مرڪز بند رهندا اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو فيصلو عام چونڊن 2024 ۾ ووٽرز جي سهوليت جي لاءِ ڪيو ويو آهي ته جيئن ووٽرن کي پنهنجو حق استعمال ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي پريشاني پيش نه اچي ياد رهي ته 8 فيبروري خميس جي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ويو آهي. ووٽ وجهڻ جي لاءِ صبح جو 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين جو وقت ڏنو ويو آهي.