سڄي سنڌ ۾ اڄ عدالتي حڪمن موجب ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليج جي داخلا ٽيسٽ(ايم ڊي ڪيٽ) جي ٽيسٽ ٻيهر ورتي پئي وڃي. انهي دوران امتحاني مرڪز جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب ايم ڊي ڪيٽ ري ٽيسٽ جا مرڪز ڪراچي، حيدرآباد، ڄامشورو، شهيد بينظِر آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ قائم ڪيا ويا آهن. ايم ڊي ڪيٽ ري ٽيسٽ ۾ سڄي سنڌ مان 38 هزار 683 اميدوارن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جا 12 هزار 849 اميدوار شريڪ ٿيا جن مان 6 هزار 400 اميدوار اين اي ڊي يونيورسٽي ۽ 6 هزار 449 اميدوارن ڪراچي يونيورسٽي ۾ امتحان ڏنا. آءِ بي اي سکر موجب صبح ساڍي 8 وڳي کان اڳ ئي اميدوار امتحاني مرڪز پهچڻ شروع ٿي ويا هئا، پرچو 200 ڊگهي سوالن تي ٻڌل آهي جنهن جو ٽائيم ساڍا 3 ڪلاڪ مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ اميدوارن جي وڏي انگ سبب مسڪين چورنگي تي ٽريفڪ جي رواني متاثر رهي، انهي دوران گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. ٻئي طرف ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ منعقد ڪرڻ تي امتحاني مرڪز جي چوڌاري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو جنهن جي تحت ٽيسٽ مرڪز ۾ ڊيجيٽل ڊيوائس، موبائل فون، ليڊيز پرس کڻي وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته غير لاڳاپيل ماڻهن ۽ گاڏين جي آمد رفت تي به پابندي رهي. اين ڊي اي ۾ ٽيسٽ جي نگراني وائس چانسلر آءِ بي اي ڊاڪٽر آصف شيخ ڪئي، هن ميڊيا جي سامهون وڏن صندوقن مان پرچو ڪڍيو ۽ ٻڌايو ته پرچو سيل آهي ۽ انهي جو ڪوبه حصو آئوٽ نه ٿيو آهي. هن چيو ته صندوق بند گاڏي ۾ آندا ويا، جنهن جي نگراني ڪيمرا ڪري رهيا هئا جڏهن ته پوليس به گڏ هئي. حيدرآباد ۾ به اڄ ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجز ۽ يونيورسٽين جا داخلا ٽيسٽ ورتا ويا، حيدرآباد پبلڪ اسڪول ۾ 6 هزار 406 ۽ ڄامشورو ۾ 6 هزار 254 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن. سکر آءِ بي اي جي تحت سکر پبلڪ اسڪول ۾ 5 هزار 586 اميدوار ميڊيڪل جو ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي جي پوليس ٽريننگ سينٽر ۾ 4 هزار 802 اميدوار ٽيسٽ ڏئي رهيا آهن