اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ سومر ڏينهن ملڪ جي هڪ ٻئي وزيراعظم کي عهدي تان هٽائي ڇڏيندي.هڪ انٽرويو ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ جي ڪيس ۾ فيصلو ته ڏئي چڪي آهي، هاڻ جوڙيل 3 رڪني بينچ صرف عمل ڪرائڻ لاءِ آهي.هن چيو ته عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته سپريم ڪورٽ سومر جي ڏينهن ملڪ جي هڪ ٻئي وزيراعظم کي عهدي تان هٽائي ڇڏيندي.