پريالوءِ (رپورٽر) سيٺارجا واسڻ ناري پيرڳوٺ واسي نوجوان سان عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جي اپيل. رپورٽ سيٺارجا واسڻ ناري ملوڪا لنڊ پيرڳوٺ ڀرسان ڳوٺ وڏا پنهيار واسي نوجوان سيد باقر علي شاھ سان خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ناري ملوڪا لنڊ ۽ نوجوان سيد باقر علي شاھ صحافين آڏو احتجاج ڪندي چيو ته هنن هڪ هفتو اڳ خيرپور جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ ناري جا مائٽ معشوق لنڊ، برڪت علي، شوڪت علي، غلام حسين، ۽ ٻيا قتل ڪرڻ لاء گهرن تي چڙهائيون ڪري رهيا آهن اسان جي زندگين کي سخت خطرو آهي اهڙي صورتحال ڪري سخت پريشان آهيون. هنن ڊي آء جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کان گهر ڪئي ته تحفظ فراهم ڪري جيئڻ جو حق ڏنو وڃي