تفصيلن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ کان روڪڻ واري سنگل بينچ جو فيصلو معطل ڪندي ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جي ايم پي او کي جاري ڪرڻ جو اختيار ڏئي ڇڏيو. سنگل بينچ عارضي طور بحال ڪري ڇڏي، جسٽس بابر ستار ڊي سي اسلام آباد کي ايم پي او جاري ڪرڻ جو اختيار غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، چيف ڪمشنر ۽ سيڪريٽري گهرو ان فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي. محمود جهانگيري ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف چيف ڪمشنر ۽ ٻين جي اپيل تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، درخواست تي ڊي سي اسلام آباد ايم پي او جاري ڪرڻ جا اختيار عارضي طور تي بحال ڪري ڇڏيا.