عدت دوران نڪاح ڪيس: خاور مانيڪا جو ججز تي عدم اعتماد، جج فيصلو ٻڌائڻ کان سواءِ هليا ويا، ڪيس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست

پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف عدت دوران نڪاح ڪيس ۾ خاور مانيڪا طرفان ججز تي عدم اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ جج ڪيس ٽرانسفر ڪرڻ جي لاءِ هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاهه رخ ارجمند طرفان عدت جي دوران نڪاح ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا خلاف اپيل تي محفوظ ڪيو ويو فيصلو اڄ ٻڌائڻو هو ٻڌڻي دوران درخواستگذار خاور مانيڪا ۽ سندس وڪيل رضوان  عباسي عدالت پهتا، خاور مانيڪا عدالت ۾ چيو ته مون کي اوهان کان فيصلو نٿو ڪرائڻ چاهيان مون کي لڳي ٿو ته اوهان انفلوئنس آهيو، اوهان فيصلو نه ٻڌايو. خاور مانيڪا  ٻڌڻي دوران پنهنجو وڪيل تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي ۽ جج تي عدم اعتماد جو اظهار ڪري ڇڏيو ٻڌڻي جي شروعات تي خاور مانيڪا عدالت کان استدعا ڪئي ته مون کي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، منهنجو وڪيل منهنجي جذباتن کي واضح نه پيو ڪري سگهي جنهن تي جج ريمارڪس ڏنا ته اوهان پنهنجي وڪيل کي ڳالهائڻ ڏيو خاور مانيڪا ٻڌايو ته منهنجا 2 وڪيل آهن، جيڪي منهنجي علائقي جا آهن روزاني منهنجي باري ۾ ڳالهيون پکيڙيون پيون وڃن، منهنجي ڌيءَ جي طلاق جي باري ۾ ڳالهيون هلايون پيون وڃن، جعلي طلاق ليٽر ٺاهي سوشل ميڊيا تي پکيڙيو پيو وڃي. ڪجهه ڏينهن کان اهي افواهون پکيڙيون پيون وڃن، اڄ اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن ته اهو اڳوڻو وزيراعظم آهي، ان جي عزت آهي ته غريب ماڻهو جي عزت ڇو نه آهي؟ خاور مانيڪا عدالت ۾ چيو ته مون پهرين جنوري جو نڪاح نامو عدالت ۾ ڏٺو، مون کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، غريب ماڻهو جي ڳالهه به ٻڌو. مون کي هن عدالت تي يقين نه آهي مون کي صرف الله تي يقين آهي مون کي غريب سمجهي سوچو ته منهنجي گهر سان ڇا ٿيو آهي، منهنجو گهر تباهه ٿي ويو آهي. خاور مانيڪا چيو ته مان اوهان کان فيصلو نٿو ڪرائڻ چاهيان مون کي لڳي ٿو ته اوهان انفلوئنس آهيو اوهان فيصلو نه ٻڌايو، خاور مانيڪا چيو ته رضوان عباسي به دليل نه ڏئي. ان موقعي تي خاور مانيڪا پنهنجو وڪيل تبديل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل بيرسٽر گوهر چيو ته هن ڪابه ڳالهه قانون موجب ناهي ڪئي، اوهان ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ڪري چڪا آهيو، صرف فيصلو ٻڌائڻو آهي. جج رضوان عباسي کي هدايت ڪئي ته اوهان مانيڪا صاحب سان ڳالهائي وٺو. جنهن تي خاور مانيڪا چيو ته مان هن سان نٿو ڳالهائڻ چاهيان اوهان منهنجو ڪيس ٽرانسفر ڪري ڇڏيو جنهن تي جج شاهه رخ ارجمند ريمارڪس ڏنا ته هن اسٽيج تي مان ڪيس ٽرانسفر نٿو ڪري سگهان، خاور مانيڪا چيو ته اسان جو بچيل گهر به تباهه ڪيو پيو وڃي، هٿ ٻڌي چوان ٿو ته الله ۽ ان جي رسول صه جي حڪم موجب فيصلو ڏيو. بيرسٽر گوهر چيو ته ماڻهو جيل ۾ ويٺل آهي اسان کي عدالت تي يقين آهي. عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو صحيح آهي. جج شاهه رخ ارجمند ريمارڪس ڏنا ته  خاور مانيڪا جي بيان کان پوءِ جيڪو به فيصلو آيو اهو تڪراري ٿي ويندو، ان موقعي تي جج عدالت جي ڪمري مان اٿلي هليا ويا، جڏهن ته عدالت ۾ موجود پي ٽي آءِ جي عورتن خاور مانيڪا جي خلاف نعرا لڳائڻ شروع ڪري ڇڏيا. جنهن کان پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خاور مانيڪا طرفان ڪيس منتقل ڪرڻ جي استدعا جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هن ڪيس جي مدعي خاور مانيڪا عدالت ۾ منهنجي مٿان عدم اعتماد ڪيو آهي.  ڪيس جي مدعي خاور مانيڪا کليل عدالت ۾ عدم اعتماد جو  اظهار ڪيو آهي جڏهن ته مدعي اهڙي طرح جي هڪ اپيل اڳ به رد ٿي چڪي آهي. جج پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو ته ڪيس جي مدعي ۽ ان جي وڪيل ڪيس ۾ بي بنياد دير ڪئي. اعتراض کان پوءِ درخواست ڪئي وئي ته هن ڪيس کي ڪنهن ٻئي جج وٽ ٽرانسفر ڪيو وڃي. هاءِ ڪورٽ انهن اپيلن کي اڪلائڻ جي لاءِ ٽائم فريم فڪس ڪري.