علائقي ڳوٺ پيارو جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو

علائقي ڳوٺ پيارو جاگيراڻي ۾ جاگيراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جھيڙو ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو۔ جھيڙي دوران عارف جاگيراڻي واري ڌر جي ھٿياربندن اوطاق تي ويٺل سونو جاگيراڻي کي گوليون ھڻي مرڻينگ ڪري فرار ٿي ويا۔ گھر ڌڻين ھٿيار کڻي حملي آورن جو پيڇو ڪيو ته ٻنھي ڌرين وچ۾ فائيرنگ جي ڏي وٺ ۾ ھڪ ڌر جو سھجو پٽ عارف جاگيراڻي جيڪو درياء پار ڪري فرار ٿي رھيو ھيو ته مارجي ويو۔ جڏھين ته سندس ٻيو ڀاء نعمت الله پڻ گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو۔ ٻنھي ڌرين ۾ فائيرنگ جو سلسلو اڌ ڪلاڪ جاري رھيو ۔ حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي۔ ڌريون مورچه بند ھجڻ سبب وڌيڪ خونريزي جو امڪان موجود آھي۔ لاش درياء ۾ ٻڏڻ جا اطلاع آھن۔ آخري اطلاعن موجب واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو۔۔