علامه راشد سومرو جي قافلي جي گاڏي کي حادثو، 2 رضاڪار زخمي

جي يو آءِ (ف) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل علامه راشد محمود سومرو جي قافلي ۾ شامل گارڊن جي گاڏي اونڌي ٿيڻ سبب 2 رضاڪار زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب علامه راشد محمود سومرو حادثي ۾ مڪمل طور محفوظ آهن. هو ڀٽ شاهه کان ڪراچي وڃي رهيا هئا ته مٽياري ٿاڻي جي حدن ۾ قومي شاهراهه تي قافلي جي هڪ گاڏي حادثي جو شڪار ٿي وئي.ريسڪيو اختيارين موجب زخمين کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.
:::