علي امين وڏيون ڳالهيون نه ڪري، مون کي پنهنجي صوبي ۾ ڪير به بند نٿو ڪري سگهي: پرويز خٽڪ

 پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارليامينٽريز چيئرمين پرويز خٽڪ چيو آهي ته علي امين گنڊاپور وڏيون ڳالهيون نه ڪري مون کي پنهنجي صوبي ۾ ڪير به بند نٿو ڪري سگهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي بيان تي رد عمل ڏيندي چيو ته  مان ڪنهن جي خلاف نه آهيان، وفاقي ڪابينه جي اجلاس جي ڪارروائي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي ڳالهائيندس، هن وقت جي پوري ڪابينه  اجلاس جي ڪارروائي جي گواهه آهي پرويز خٽڪ چيو ته علي امين گنڊاپور به هن وقت جي ڪابينه جو حصو هو، اهو به اکين ڏٺو شاهد آهي. نه مان ڪڏهن ڪوڙ ڳالهايو آهي نه ئي وري ڪوڙ ڳالهائيندس، مان علي امين کي ۽ علي امين مون کي سٺي طرح سان سڃاڻون ٿا. ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي سچ برداشت نٿا ڪري سگهن، منهنجو تعلق به خٽڪ قبيلي سان آهي، مون کي پنهنجي صوبي ۾ ڪير به بند نٿو ڪري ڪري سگهي. منهنجي مٿان ڪنهن جو به احسان نه آهي ته پوءِ مان ڪيئن احسان فراموش ٿي سگهان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته 2013 ۾ پنهنجي محنت سان گهٽ ميمبرن تي ٻڌل حڪومت ٺاهي، مون کي ڪنهن به احسان ڪري وڏو وزير نه بنايو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن راولپنڊي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پرويز خٽڪ تي تنقيد ڪندي چيو هو ته هڪ ماڻهو ڪوڙي گواهي ڏيندو ۽ گهمندو ان لاءِ پارٽي ڇڏي، احسان فراموش جي، لوٽو بڻيو، هي ڪوڙيون گواهيون ڏيندو ته اهڙي طرح سگريٽ ڇڪيندو رهندو.