اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ عامر مغل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست رد ڪندي ٻنهي جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين جي خلاف سنگجاڻي ٿاڻي ۽ آءِ 9 ۾ داخل ڪيسن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج طاهر عباس سپراءِ ڪئي. علي نواز اعواڻ، واثق قيوم، عامر ڪياني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا جڏهن ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ عامر مغل طرفان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي جج طاهر عباس سپرا ريمارڪس ڏنا ته ڪنهن جي به حاضري کان ڇوٽ جي درخواست قبول نه ٿيندي اهو ڪوبه سبب نه آهي ته مان شهر کان ٻاهر آهيان ته پيش نٿو ٿي سگهان ڪورٽ ۾ حاضري جوابدار کي هر حال ۾ پوري ڪرڻي پوندي. پي ٽي آءِ جي وڪيل جواب ڏنو ته حاضري پوري ڪرڻ جوابدارن تي فرض آهي، جنهن تي جج چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيندا. ايندڙ پيشي تي سمورن جوابدارن جي حاضري يقيني ٿيندي. جج طاهر عباس سپرا چيو ته سمورن غير حاضر جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري رهيا آهيون ايندڙ پيشي تي حاضري جي مڪمل يقين دهاني ڪرائي ويندي ان کان پوءِ وارنٽ جو معاملو ڏسنداسين. وڪيل صفائي طرفان چيو ويو ته هڪ موقعو ڏنو وڃي. ايندڙ پيشي تي سمورا جوابدار پيش ٿيندا. جنهن تي جج چيو ته جيڪو جوابدار 8 تاريخ تي نه ايندو ان کي اشتهاري قرار ڏيندس، عدالتي مفرور کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن ضروري نه آهن مون کي هن ڪيس کي آخري انجام تائين پهچائڻو آهي اوهان کي ئي ان ۾ فائدو ٿيندو. فاضل جج چيو ته جيڪڏهن ڪيسز ۾ جان هوندي ته هلندا ٻئي صورت ۾ فارغ ٿيندا، عدالت ٻنهي ڪيسن جي ٻڌڻي 8 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.