خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي حڪم تي سول نافرماني تحريڪ شروع ڪئي ويندي۔ پشاور هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي، هن ٻڌايو ته کيس اڊيالا جيل اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي ۽ چيو ويو ته ڪليئرنس نه آهي، جڏهن ته هن موقف اختيار ڪيو ته هو پوري صوبي جو نمائندو آهي ۽ کيس ڪنهن ڪليئرنس جي ضرورت ناهي۔ پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ علي امين گنڊاپور پنهنجي خلاف داخل ڪيسن جي تفصيل لاءِ درخواست داخل ڪئي، جنهن تي جسٽس صاحبزاده اسدالله ۽ جسٽس وقار احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي۔ سماعت دوران ڊپٽي اٽارني جنرل حضرت سيد عدالت کي ٻڌايو ته علي امين گنڊاپور خلاف اسلام آباد ۾ 32 ۽ پنجاب ۾ 33 ڪيس داخل آهن، جڏهن ته ايف آءِ اي جو ڪو به ڪيس ناهي۔ نيب پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته نيب جي هڪ انڪوائري جاري آهي، جڏهن ته پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ مان رپورٽس اڃان تائين نه آيون آهن۔ پشاور هاءِ ڪورٽ علي امين گنڊاپور کي 16 جنوري تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي ۽ هدايت ڪئي ته داخل ڪيسز ۾ کيس گرفتار نه ڪيو وڃي۔ عدالت نيب کي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو۔