علي امين گنڊاپور هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي هڪ ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اڄ اسلام آباد ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت سندس هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي علي امين گنڊاپور کي سڀاڻي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ڊي آءِ خان پوليس علي امين گنڊاپور کي گذريل ڏينهن اسلام آباد پوليس حوالي ڪيو هو. اڳوڻي وفاقي وزير تي اسلام آباد جي رمنه ۽ گولڙه ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڊي آءِ خان جي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي اسلام آباد پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.وڏانهن ڊيره اسماعيل خان ۾ مئجسٽريٽ ون جي عدالت ۾ علي امين گنڊاپور خلاف ڊيره اسماعيل خان ۾ داخل 2 ڪيسن مان علي امين گنڊاپور جي ضمانت منظور ٿي وئي پر علي امين گنڊاپور خلاف اسلام آباد ۽ بهکر ۾ داخل ڪيسن تي کيس جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻيو ويو هو.