“علي امين گنڊاپور: گهرن ۾ ويٺل تنقيد ڪندڙن کي پي ٽي آءِ جو حصو نٿو سمجهان”

خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ويهي تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪري رهيا آهن، مان انهن کي پي ٽي آءِ جو حصو نٿو سمجهان.

گذريل ڏينهن صوابي ۾ هڪ جلسي دوران، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کان مقامي چينل جي صحافي سوال ڪيو ته ڪارڪن ناراض آهن ۽ چون ٿا ته “وڏي وزير اسان کي ڊي چوڪ تي ڇڏي فرار ٿي ويو”، انهن جي ناراضگي کي ڪيئن ختم ڪيو ويندو؟ جنهن تي علي امين جواب ڏنو ته جن ماڻهن اها ڳالهه ڪئي آهي، اهي پاڻ ڊي چوڪ تي موجود ئي نه هئا، اهي گهرن ۾ ويٺل هئا. پارٽي منهنجي آهي، ان ڪري مون کي خبر آهي ته ڪير ڪيتري اهميت رکندو آهي.

صحافي جي ٻيهر سوال تي وڏي وزير چيو ته انهن جي ناراضگي جي ڪا اهميت ناهي، جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ويٺل آهن ۽ ٻاهر نٿا نڪرڻ، اهي گهر ويٺي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. جيڪي مون سان گڏ وڃڻ وارا هئا، اهي اڃا به مون سان گڏ آهن.

علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪي ماڻهو گهرن ۾ ويٺل آهن ۽ تنقيد ڪري رهيا آهن، انهن کي پهريان اهو ڏيکارڻ گهرجي ته اهي پاڻ ڪٿي هئا. اهي گهر ۾ آرام سان ويٺا آهن ۽ ٻين تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

آخر ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته اهڙن ماڻهن جي مون کي ڪو پرواهه ناهي، ۽ مان انهن کي تحريڪ انصاف جو حصو نٿو سمجهان.