عمران خان، بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي فيصلو 13 جنوري تي ٻڌايو ويندو

 عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف 190 ملين پائونڊز ريفرنس تي فيصلو هڪ دفعو ٻيهر ملتوي ٿي ويو جڏهن ته جي ايڇ ڪيو حملو، 9 مئي سانحي سميت 13 ڪيسز تي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت اڄ فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي هئي پر جج جاويد رانا جي موڪل تي هجڻ سبب فيصلو نه ٻڌايو ويو. عدالتي عملي پي ٽي آءِ باني جي وڪيل خالد يوسف چوڌري کي آگاهه ڪري ڇڏيو. خالد يوسف چوڌري  چيو ته ڪورٽ جي اسٽاف ٻڌايو آهي ته فيصلو اڄ نه ٻڌايو ويندو، عدالتي عملي ٻڌايو آهي ته فيصلو ٻڌائڻ جي ٻئي تاريخ اڄ عدالت ۾ مقرر ڪئي ويندي. عدالتي عملي نيب ۽ عمران خان جي وڪيل کي آگاهه ڪيو ته 190 ملين پائونڊ ڪيس جي فيصلي لاءِ 13 جنوري جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل جي بجاءِ نيب ڪورٽ جي اليون ۾ ٿي، فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ عدالت ۾ جوابدارن جي حاضري ضروري هوندي آهي پر پي ٽي آءِ باني جي جيل ۾ هجڻ سبب جي اليون ٻڌڻي ۾ جوابدارن جي حاضري ممڪن نه ٿي سگهي. عدالت طرفان فيصلو ٻڌائڻ جي لاءِ نئين تاريخ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. جي ايڇ ڪيو حملي ۽ 9 مئي سانحي سميت 13 ڪيسز جي ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي. سمورن جوابدارن جي عدالتي پيشي حاضري لڳائي وئي. عدالت جو جج امجد علي شاهه ٽريننگ تي هجڻ سبب موڪل تي آهي انهي لاءِ اڄ اڊيالا جيل ۾ ڪنهن به ڪيس جي ٻڌڻي نه ٿيندي. سمورن جوابدارن کي اڄ جي لاءِ حاضري کان ڇوٽ ڏني وئي.