عمران خان، شاهه محمود، اسد قيصر ۽ شيخ رشيد آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن مان بري

 ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پي ٽي آءِ باني عمران خان، شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، اسد قيصر ۽ ٻين جوابدارن کي آبپاره ٿاڻي ۾ داخل ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي. جوڊيشل مئجسٽريٽ اسلام آباد ياسر محمود محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني شيخ رشيد ۽ ٻين طرفان  سردار مصروف ايڊووڪيٽ ۽ انصر ڪياني دليل ڏنا. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني شاهه محمود قريشي، شيخ رشيد، شهريار آفريدي، فيصل جاويد، راجا خرم نواز، علي نواز اعواڻ، اسد قيصر سميت ٻين جي خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف احتجاج تي آبپاره ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو.