عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او چاهي ٿي جيڪو کيس نه ملندو: عظميٰ بخاري

پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان اين آر او چاهي ٿو جيڪو کيس نه ملندو. عظميٰ بخاري نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي جي ورسي اچڻ واري آهي. اهڙو بدترين ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ٿي سگهي. هڪ سياسي پارٽي جڏهن ٻاهر نڪري  ٿي ته پوليس وارن جا مٿا ڦاڙيا ويندا آهن. 2012 کان 2024 تائين انهن جو ساڳيو طريقو رهيو آهي ته نقصان ئي ڪرڻو آهي. سياسي پارٽين تي پابندي نه دهشتگردن تي ضرور پابندي هوندي. عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪرڻ  جي بيان تي صوبائي اطلاعات واري وزير چيو ته پهتاسين اتي جتي صرف خاڪ هئي، انهي شعر ۾ شاعر اين آر او گهرڻ چاهي ٿو جيڪو کيس نه ملندو. هن چيو ته اهڙا ماڻهو ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکندا آهن ته ڪڏهن آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران روڊ تي ويهي رهندا آهن. پاڪستان جون حالتون ڪجهه بهتر ٿين ٿيون ته هي وري ملڪ تي چڙهائي ڪندا آهن. عظميٰ بخاري وڌيڪ چيو ته مريم نواز جي 2 مهينن جي حڪومت نتيجا ڏيڻ شروع ڏئي ڇڏيا آهن. پنجاب ۾ اٽي جي ٿيلهي ۾ 8 سئو روپين جي گهٽتائي ٿي آهي. ڀاڄين جون قيمتون به گهٽ ٿيون آهن ۽ اها گهٽتائي جاري رهندي.