پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي پٽن جي پاڪستان اچڻ جي حوالي سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي پشاور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پي ٽي آءِ باني جا پٽ جيڪڌهن پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي هٿ ۾ کڻندا ته گرفتاري ٿيندي ن چيو ته پاڪستاني شهرين تي برطانيه ۾ اتان جو قانون لاڳو ٿيندو آهي ته پاڪستان ۾ برطانوي شهرين تي هتان جو قانون لاڳو ٿيندو. فيصل ڪريم ڪنڊي وڌيڪ چيو ته احتجاج، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ هجڻ گهرجي، پرامن احتجاج ڪرڻ ۽ تحريڪ هلائڻ سڀني جو جمهوري حق آهي پر ڪنهن کي به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي ياد رهي ته پي ٽي آءِ اڳواڻ نعيم پنجوتها نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي چيو هو ته عمران خان جا ٻئي پٽ قاسم ۽ سليمان پنهنجي والد سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندا. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جون ڀينرون به تحريڪ ۾ شامل ٿينديون پر تحريڪ جي اڳواڻي پي ٽي آءِ عهديدار ڪندا.