عمران خان جي امڪاني گرفتاري: اسلام آباد پوليس زمان پارڪ پهچي وئي

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ اسلام آباد پوليس لاهور جي زمان پارڪ پهچي وئي آهي.ذريعن موجب توشه خانه ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي گرفتاري جو امڪان آهي، اسلام آباد پوليس جي ٽيم ايس پي سٽي اسلام آباد حسن طاهر جي اڳواڻي ۾ گرفتاري وارنٽ کڻي زمان پارڪ پهتي آهي. اسلام آباد پوليس طرفان اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري لاءِ لاهور پوليس کان مدد جي درخواست به ڪئي وئي آهي.وفاقي پوليس جي ترجمان ٻڌايو آهي ته عدالتي حڪمن موجب عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس جي ٽيم لاهور پهتي آهي سموري ڪارروائي لاهور پوليس جي مدد سان ڪئي پئي وڃي. ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪرڻ دوران رنڊڪ وجهندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. اسلام آباد پوليس پنهنجي حفاظت ۾ عمران خان کي اسلام آباد منتقل ڪندي قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي