عمران خان جي جيل وڃڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف ۾ اختلاف جون خبرون سامهون اچڻ لڳيون

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي جيل وڃڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف ۾ اختلافن جون خبرون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته عمر ايوب ۽ شاهه محمود قريشي وچ ۾ عمران خان جي جانشين بنجڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن رپورٽ موجب ڪور ڪميٽي جي اجلاس دوران 2 گروپ آمهون سامهون اچي ويا آهن جنهن وچ ۾ سخت جملن جي به ڏي وٺ ٿي آهي
ڪور ڪميٽي جي تفصيلن ۽ رڪارڊنگ جي ٻاهر نڪرڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻن هڪ ٻئي کي غدار قرار ڏيندي الزامن جي برسات شروع ڪري ڇڏي اهڙي صورتحال دوران ڪيترن ئي ميمبرن جي راءِ آهي ته ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ هاڻ سنجيده معاملن تي ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن ڪور ڪميٽي جي هڪ ميمبر اجلاس ۾ دعويٰ ڪئي ته هتي ڪميٽي اجلاس ۾ هڪ غدار موجود آهي. جيڪڏهن عمر ايوب ۽ شبلي فراز اجازت ڏين ته پارٽي اندر غدار جي نشاندهي ڪندس پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪور ڪميٽي ۾ غدار قرار ڏنل ميمبر مان عمر ايوب لاڳيتو رابطن ۾ آهي گذريل ڏينهن عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت به سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي چيو هو ته پي ٽي آءِ جي ڪور ڪميٽي ۽ عمران خان جي قانوني ٽيم ۾ غدار موجود آهن شير افضل مروت اها به دعويٰ ڪئي ته عمران خان جي قانوني ٽيم ۽ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي غدارن منهنجي حياتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي شير افضل چيو ته ڪور ڪميٽي ۾ غدارن جي موجودگي سمجهه کان ٻاهر آهي انهن ڪور ڪميٽي اجلاسن جي رڪارڊنگ مخالفن کان ويندي ميڊيا وارن تائين به پهچائي آهي قانوني ٽيم جي زوم گڏجاڻي جا تفصيل ۽ رڪارڊ به ٻاهر جي ماڻهن سان شيئر ڪيون ويونجن سان منهنجي زندگي کي سخت خطرا آهن پارٽي جي ويجهن حلقن ۾ ماڻهن تي ڀروسو ڪرڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي