عمران خان جي دل ۾ ڇا آهي، ڪجهه نٿو چئي سگهان، ملاقات ۾ ناراضگي جي ڳالهه نه ڪئي: علي امين

 خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته عمران خان جي دل ۾ ڇا آهي انهي تي مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. هڪ انٽرويو جي دوران علي امين گنڊاپور چيو ته مون کي عمران خان سان ملاقات جي لاءِ نه پيو ڇڏيو وڃي. عمران خان ملاقات جي دوران ناراضگي جي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا پورا نٿي ڪري ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون، ڳالهين جي لاءِ اسان ۽ حڪومت به ڪميٽي ٺاهي هئي، اسان جي مطالبن تي عمل نه ٿيو ته اسان ڳالهيون ختم ڪري ڇڏيون. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته اسان جي صوبي جي گورننس تي صرف بيان ٺاهيا پيا وڃن.  ٻين صوبن جون حڪومتون اسان سان گڏ ويهي مناظرو ڪري وٺن.جيڪڏهن حڪومت اسان جا مطالبا پورا ڪري ٿي ته ڳالهيون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون. پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ اختلافن جي حوالي سان سوال تي علي امين گنڊاپور چيو ته پارٽي جي اندر هر تڪ ۾ مخالف هوندا آهن.