عمران خان جي سزا خلاف اپيل ۽ آزاد ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

تحريڪ انصاف : چيئرمين عمران خان جي سزا خلاف اپيل ۽ آزاد ڪرڻ واري درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار طرفان جاري ڪيل ايندڙ هفتي جي ڪاز لسٽ موجب توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا خلاف اپيل 22 آگسٽ تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين جي سزا معطل ڪري آزاد ڪرڻ واري درخواست به 22 آگسٽ تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري درخواستن تي ٻڌڻي ڪندا ان کان علاوه پوليس جي ناقص جاچ ۽ بنا تياري جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو ڪيس 24 آگسٽ تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي عدالت ايس پي ۽ ايس ڊي پي او انڊسٽريل ايريا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالتي حڪم تي ايس پي انڊسٽريل ايريا شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو هو جڏهن ته ايس ڊي پي او انڊسٽريل ايريا اڃان تائين ڪوبه جواب جمع نه ڪرايو آهي. جسٽس طارق محمود جهانگيري 24 آگسٽ تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو