عمران خان : جي سزا کانپوءِ دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي

توشه : خانه ڪيس ۾ عمران خان جي دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. تفصيل موجب چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي سزا کانپوءِ دفاع جو حق بحال ڪرڻ جي اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، چيف جسٽس اسلام آباد عامر فاروق 10 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو. عدالت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتوتوشه خانه ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جو دفاع جو حق ختم ڪري ڇڏيو هو، عمران خان دفاع جو حق بحال ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اٽڪ جيل مان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عمران خان جي قانوني ٽيم کي جيل ۾ ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته عمران خان کي جيل ۾ اي ڪلاس جون سهولتون ڏنيون وڃن، اڳوڻي وزيراعظم جي ذاتي معالج، گهر ڀاتين ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن کي به ملاقات جي اجازت ڏني وڃي. جڏهن ته گهرو کاتي عمران خان جي جيل ۾ بي ڪلاس جي منظوري ڏني گهرو کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان کي بي ڪلاس جون سموريون سهولتون ڏنيون ويون آهن. عمران خان کي جيل ۾ هفتي ۾ هڪ ڀيرو پنهنجي ڪٽنب سان ملڻ جي اجازت هوندي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪيس ۾ عمران خان کي 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اليڪشن ايڪٽ 174 تحت ڏوهه قرار ڏنو ويو، توشه خاني مان ورتل تحفن جو رڪارڊ غلط ثابت ٿيو، عمران خان جي بي ايماني ۾ ڪو شڪ ناهي.