اسلام آباد: سينئر قانوندان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بيرسٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا ته کيس گرفتار ڪرڻو پوندو.نجي چينل سان ڳالهين دوران اعتزاز احسن چيو ته ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري نه ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو ڪوه جواز نه آهي. جيڪڏهن عمران خان گهر تي موجود نه آهي ته گرفتاري وارنٽ تي عمل نه ٿيندو.سينئر وڪيل چيو ته عمران خان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيا آهن ته کيس گرفتار ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن عمران خان گرفتاري نٿو ڏئي ته کيس مقرر وقت تي عدالت پهچڻ گهرجي. جيڪڏهن هو عدالت ۾ پيش ٿي ويو ته کيس گرفتاري ڏيڻ جي ضرورت نه ٿيندي.اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته مون کي لڳي ٿو ته راڻاثناءُالله چاهي ٿو ته عمران خان جي ڪارڪنن طرفان ڪجهه اهڙو ڪيو وڃي جنهن سان چونڊون ملتوي ٿي وڃن. بلاول ڀٽو، آصف علي زرداري، عمران خان، نوازشريف، مريم نواز ۽ مولانا فضل الرحمان جهڙا 5 کان 6 ماڻهو اسان جي سياست ۾ اهڙا آهن جيڪڏهن انهن کي ڪجهه ٿي ويو ته ملڪ جي صورتحال ڪنهن جي به هٿن ۾ نه رهندي هر طرف افراتفري وارو ماحول ٿي ويندو.ماضي جو حوالو ڏيندي اعتزاز احسن چيو ته حمزه شهباز کي پوليس جڏهن گرفتار ڪرڻ وئي ته ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيو هيون ته هو تهه خاني ۾ لڪي ويو آهي پر پوليس تهه خاني ۾ نه وئي. حمزه شهباز جي وڪيلن عدالت کان اجازت وٺي ڇڏي. اهڙي طرح عمران خان جا وڪيل به عدالت ۾ چوندا ته اسان جو موڪل پيش ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ان جي ضمانت وٺي سگهي ٿي.سينئر وڪيل اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته حمزه شهباز جيان عمران خان کي به تهه خاني ۾ لڪي رهڻو پوندو. جيئن شڪ جو فائدو حمزه شهباز کي ڏنو ويو هو ساڳئي طرح عمران خان کي به ڏنو ويندو.