عمران خان : جي گرفتاري کانپوءِ قريشيءَ پارٽي جون واڳون سنڀالي ورتيون

توشه خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ جون واڳون شاهه محمود قريشي سنڀالي ورتيون آهن پارٽي ذريعن موجب، عمران خان جي غيرموجودگيءَ ۾ شاهه محمود قريشي پارٽي معاملن جي سربراهي ڪندو، اسد قيصر، شهريار آفريدي، فردوس شميم نقوي، علي محمد خان سندس ٻانهن ٻيلي هوندا پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ ڪور ڪميٽي جو وڪيلن سان گڏ پهريون ٽاسڪ پارٽي چيئرمين جي آزادي هوندو، هڪ هفتو اڳ عمران خان شاهه محمود قريشي کي چونڊن جي تياري جو ٽاسڪ ڏنو هو پارٽي ذريعن موجب، 14 آگسٽ کان چونڊن لاءِ سياسي جدوجهد کي شاهه محمود قريشي ليڊ ڪندو شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جو اجلاس سڏائي ورتو آهي، اعجاز چوڌري، ياسمين راشد ۽ عمر سرفراز چيما پارٽي معاملن تي سهڪار ڪندا چونڊن کان اڳ پي ڊي ايم اتحاد سان شاهه محمود قريشي ڳالهيون ڪندا جنهن ۾ عامر ڊوگر، قاسم سوري، مراد سعيد ۽ عالمگير خان ٽيم جو حصو هوندا.