دهشتگردي جي انت واري عدالت پي ٽي آءِ باني عمران خان جي 3 ۽ شاهه محمود قريشي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون منظور ڪيون. پراسيڪيوٽر راجا نويد ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل سردار مصروف، خالد يوسف عدالت ۾ پيش ٿيا ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد پنهنجي موقف ۾ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ڄاڻي واڻي احتجاج ڪرايو. پي ٽي آءِ جي باني عوام کي ورغلايو ۽ ڪاوڙ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي. پي ٽي آءِ اڳواڻن کي غير ضروري نرمي ڏني پئي وڃي. عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون رد ڪيون وڃن جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا شاهه محمود قريشي ۽ عمران خان موقعي تي موجود هئا؟ جنهن تي پراسيڪيوٽر چيو ته شاهه محمود قريشي ۽ عمران خان موقعي تي موجود نه هئا جنهن کان پوءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج چيو ته عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون درخواستون منظور ڪيون وڃن ٿيون. ٻين شريڪ جوابدارن جون ضمانتون به ڪنفرم ٿي چڪيون آهن. اي ٽي سي جج ابوالحسنات ذوالقرنين 30-30 هزار روپين جي مچلڪن عيوض عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي جون ضمانتون منظور ڪيون.