عمران خان جي 9 ضمانت جي درخواستن تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو: ڪاز لسٽ جاري

پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 ضمانت جي درخواستن تي فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندواسلام آباد هاءِ ڪورٽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائڻ جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي، چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري فيصلو ٻڌائيندا سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدم پيروي تي ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون هيون، پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته 9 ضمانت جون درخواستون لاڳاپيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ سمجهيون وڃن درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته انهن 9 ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ لاڳاپيل عدالتن کي 9 ڪيسن جا فيصلا ميرٽ تي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي ياد رهي ته عمران خان خلاف 9 مئي ۽ اسلام آباد ۾ احتجاج جا 3_3، توشه خانه جعل سازي، قلم 144 جي ڀڃڪڙي ۽ قتل جي قدمن جا ڪيس داخل آهن.