اسلام آباد ۾ احتجاج جي منصوبه بندي جو ڪيس پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ باني جي خلاف اغوا، ڦر، قتل جو ارادو، سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ۽ اي ٽي سي ايڪٽ سميت 13 قلمن جي تحت ڪيس سب انسپيڪٽر قيصر محمود جي مدعيت ۾ کعس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ٻين 14 مقامي اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس جي متن ۾ لکيو ويو آهي ته جيل ۾ ملاقاتن ۽ رابطن دوران پي ٽي آءِ باني ڪارڪنن کي رياست ۽ ادارن جي خلاف تشدد لاءِ ڀڙڪايو. ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پرتشدد هجوم جي قيادت تي مجبور ڪيو. مظاهرين فائرنگ ۽ پيٽرول بمن جو استعمال ڪندي هڪ ڪانسٽيبل کي اغوا ۽ پنجن کي سخت زخمي پڻ ڪيو.