ڪراچي: اڳواڻ منظور وساڻ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ايندڙ مهيني نااهل ٿيڻ ۽ جيل وڃڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.وڏي وزير جي صلاحڪار منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته عمران خان ايندڙ مهيني مارچ ۾ نااهل ٿي ويندو ۽ سندس پراڻا ڪيس به کلي ويندا. پراڻن ڪيسن جي آڌار تي عمران خان نااهل ٿي ويندو ۽ جيل به ويندو.هن چيو ته عمران خان جيل وڃڻ کان ڊڄي رهيو آهي ان لاءِ ٻيا اڳواڻ به جيل نٿا وڃڻ چاهين. جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ آسان ڪم ناهي. عمران خان ۾ اها طاقت ئي ناهي ڇو ته جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جي لاءِ سڀني کان پهريان پنهنجي گرفتاري ڏيڻي پوندي آهي.منظور وساڻ چيو ته عمران خان جي دور ۾ ملڪ ۾ مهانگائي ۾ اضافو ٿيو. ملڪ ۾ مهانگائي سبب سرڪاري ننڍو ملازم ۽ مزدور طبقو ڪافي پريشان آهي. ننڍي گريڊ جي سرڪاري ملازمن جون پگهارون 70 سيڪڙو وڌي وينديون. جڏهن ته مزدورن جي به مزدوري ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويندو.