عمران خان پي ٽي آءِ قيادت کي سول نافرماني تحريڪ جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

 پي ٽي آءِ باني عمران خان سول نافرماني جي تحريڪ جاري رکڻ جڏهن ته پارٽي چيئرمين بيرسٽر گوهر، سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا ۽ سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم کي عالمي معاملن تي ڳالهيون ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن. نجي چينل سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ جي مرڪزي  سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم چيو ته پي ٽي آءِ باني سول نافرماني جو سڏ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو آهي. شيخ وقاص اڪرم چيو ته عمران خان بيرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا ۽ مون کي عالمي معاملن تي  ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته پارٽي جي پليٽ فارم تي اسان ٽنهي کان علاوه عالمي معاملن تي ڪوبه ڳالهيون نه ڪري. شيخ وقاص چيو ته عمران خان چيو آهي ته ڳالهين ۾ جيڪڏهن سنجيدگي نظر آئي تڏهن سول نافرماني جو سڏ واپس وٺڻ جو سوچيو ويندو. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري اطلاعات چيو ته عمران خان چيو  آهي ته ڳالهين ۾ پنهنجي ٻن بنيادي نقطن تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪريو، پهريون مطالبو پي ٽي آءِ باني سميت سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ آهي ۽ ٻيو مطالبو 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن جو قيام آهي. ياد رهي ته وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي باقاعده شروعات ڪئي وئي آهي، ٻنهي مذاڪراتي ڪميٽين ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. حڪومت ۽ اپوزيشن جي ڪميٽين وچ ۾ ٻيو اجلاس 2 جنوري 2025 تي ٿيندو.