عمران خان پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ بيرسٽر گوهر کي اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ بيرسٽر گوهر خان کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ جو نامزد چيئرمين بيرسٽر گوهر سپريم ڪورٽ جو وڪيل آهي سندس تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعي بونير سان آهي. بيرسٽر گوهر برطانيه جي والوربيپمنن يونيورسٽي مان ايل ايل بي ۽ آمريڪا جي واشنگٽن سول آف لا مان ايل ايل ايم ڪيو آهي بيرسٽر گوهر ڪيتري ئي وقت تائين اعتزاز احسن اينڊ ايسوسيئيشن سان جڙيل رهيو ۽ اعتزاز احسن جي نگراني ۾ وڪالت ڪندو رهيو آهي. بيرسٽر گوهر گذريل هڪ سال کان عمران خان جي قانوني ٽيم جو ڀروسي جوڳو ميمبر آهي.