عمران خان عام چونڊن جي نتيجن جي آڊٽ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي ڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني چيئرمين عمران خان عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي جي معاملي تي ڪميشن جوڙڻ جي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي عمران خان طرفان داخل ڪيل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ جي غير جانبدار حاضر سروس ججز تي ٻڌل جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي جيڪا عام چونڊن جي آڊٽ ۽ ان کان پوءِ جاري ٿيندڙ نتيجن جو آڊٽ ڪري درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ بنجندڙ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فوري طور تي ڪم کان روڪيو وڃي ۽ جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ کي عوام آڏو آندو وڃي.