عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو، ايف آءِ اي ۽ پوليس تياري مڪمل ڪري ورتي

لاهور: (سومر: 20 فيبروري 2023ع) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ايف آءِ اي ذريعن موجب گهرو وزارت جي هدايت تي ايف آءِ اي لاهور جي 4 رڪني ٽيم جوڙي ڇڏي آهي. ڊائريڪٽر ايف آءِ اي لاهور سرفراز خان ورڪ جي قيادت ۾ ٽيم مقامي پوليس جي مدد سان عمران خان کي گرفتار ڪندي. عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ کيس اسلام آباد مان ايندڙ ٽيم جي حوالي ڪيو ويندو
ايف آءِ اي ذريعن موجب ايف آءِ اي جي ٽيم پهريان عمران خان کي زمان پارڪ مان گرفتار ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو پر ڪارڪنن جي سخت رد عمل کي ڏسندي هاڻ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ کين گرفتار ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ۽ پوليس تياري مڪمل ڪري ورتي آهي.پوليس ايف آءِ اي کي هر ممڪن مدد ڏيندي. ايف آءِ اي پوليس جي اعليٰ اختيارين ان سلسلي ۾ وڪيلن جي مختلف تنظيمن سان به مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي ته جيئن وڪيلن سان تڪرار جي صورتحال پيدا نه ٿئي