عمران خان کي 20 ڊسمبر تائين آزاد ڪرڻ جي خبر ڏني وئي، اها آڇ اسٽيبلشمينٽ جي مرضي سان ڏني وئي هئي: شير افضل مروت

 پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت دعويٰ ڪندي چيو آهي ته پارٽي جي باني عمران خان کي 20 ڊسمبر تائين آزاد ڪرڻ جي خبر ڏني وئي، اها آڇ اسٽيبلشمينٽ جي  مرضي سان ڏني وئي هئي. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته ميمبرن تصديق ڪئي ته گڏيل طور تي  ڪوبه ميمبر اها ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه هو ته لکت ۾ مطالبا ڏيون، ميمبرن چاهيو ٿي ته لکت وارن مطالبن تي پهريان پي ٽي آءِ باني سان مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ٻاهر اچڻ سان احتجاج جي طاقت 10 ڀيرا وڌي ويندي انهي لاءِ حڪومت ڪجهه ضمانتون چاهيون ٿي. ضروري ناهي ته اسان به 26 نومبر جهڙو احتجاج ڪريون، ڪجهه رعايتون اسان جي طرفان به ڏئي سگهجن ٿيون، تازين ضمانتن جو تعلق ڳالهين جي عمل سان نه آهي. هن چيو ته آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جي تنظيم پنهنجي طور تي قدم کڻندي آهي، پي ٽي آءِ هر جڳهه ڪوشش ڪري رهي آهي ته عالمي دٻاءُ انهي حد تائين هجي جيئن بنيادي حقن جي پامالي رڪجي وڃي، جڏهن ته بشريٰ بي بي طرفان به هلندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت سامهون نه آئي آهي. شير افضل مروت دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ باني ۽ ڪارڪنن جي آزادي جلد ٿيڻ واري آهي، پي ٽي آءِ باني سان سڌو سنئون به ڪيترن ئي موقعن تي رابطو ڪيو ويو. 24 نومبر جي احتجاج کان اڳ تجويز آئي هئي ته پي ٽي آءِ باني کي نٿيا گلي منتقل ڪيو ويندو، نٿيا گلي ۾ گورنر هائوس جي صفائي سٿرائي به ڪئي وئي هئي پر نٿيا گلي منتقلي جي تجويز پي ٽي آءِ رد ڪري ڇڏي هئي، پوٰءِ 20  ڊسمبر تائين پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪرڻ جي خبر ڏني وئي هئي. شير افضل مروت کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اها اڇ گهرو وزير محسن نقوي طرفان ڏني وئي هئي؟ جنهن جي جواب ۾ هن چيو ته محسن نقوي اڪيلو نه هو، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جا نمائندا به شامل هئا.