تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي پوئتي هٽڻ جو چيو ويو، کيس 3 سال انتظار ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، هن ڪڏهن به ٻاهر وڃڻ جو ذڪر نه ڪيونجي ٽي وي چينل سان ڳالهيون ڪندي هن واضح ڪيو ته پي ٽي آءِ ڪنهن به گڏيل حڪومت جو حصو نه بڻجندي، نه ئي ان جي حمايت ڪري رهي آهي. گڏيل حڪومت جي ضرورت ان وقت پوندي آهي جڏهن اسان وٽ مينڊيٽ نه هجي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان جو حڪومت سازي جي حوالي سان چٽو موقف آهي، اسان سمجهون ٿا ته اسان وٽ عوام جو مينڊيٽ آهي، پي ٽي آءِ کي هن وقت قومي اسيمبلي ۾ 180 سيٽن جي برتري حاصل آهي. هن چيو ته 82 ڪامياب آزاد ميمبر سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿي چڪا آهن. رهيل 10 ميمبر به شامل ٿي ويندا. اسان 29 فيبروري تي پارليامينٽ وينداسين، اتي ويهنداسين، پنهنجي اڪثريت لاءِ ڪوششون ڪنداسين پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اسان جون سيٽون بحال نه ٿيون ته اسان اپوزيشن ۾ ويهنداسين پر (ن) ليگ يا پيپلز پارٽي سان ڳالهين جو ڪوبه ارادو نه آهي. جي يو آءِ سان اسان جو ڪوبه اتحاد نه آهي، انهن سان الائنس نه اڳ هو نه ئي وري هاڻ آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عدالت ۾ ميڊيا جي سامهون خان صاحب سان اها ڳالهه ٿي ته اوهان وٽ آفر آئي آهي؟ جنهن تي هن چيو ته هڪ آواز جيڪا اسان وٽ آئي آهي ته اوهان 3 سالن لاءِ انتظار ڪريو هن وڌيڪ وضاحت ڪندي ٻڌايو ته ان جو مطلب هو ته اوهان پوئتي هٽي وڃو ۽ ڪنهن ٻئي کي اڳتي اچڻ ڏيو، اوهان جيل ۾ رهو يا ٻاهر اچو پر سياست نه ڪريو بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو جيڪي ٻين پارٽين ۾ وڃڻ وارا هئا اهي هليا ويا آهن. رهيل ماڻهو پابند آهن، مشڪل وقت گذري ويو، پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو شيڊول هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ اچي ويندو. مارچ جي پهرين هفتي تائين پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائي چڪي هوندي.