خاور مانيڪا جي شڪايت تي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي نڪاح ڪيس جي ٻڌڻي اڄ کان شروع ٿيندي ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ عمران خان کان اڊيالا جيل ۾ وڊيو لنڪ تي رابطو ڪيو ويندو. جڏهن ته بشريٰ بي بي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو ويو آهي بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا جو الزام آهي ته عمران خان بشريٰ بي بي سان پيري مريدي جي چڪر ۾ رابطو ڪيو. وقت سان گڏ ٻنهي جا ناجائز لاڳاپا قائم ٿي ويا. انهن لاڳاپن جي آڌار تي هن بشريٰ بي بي کي نومبر 2017 ۾ طلاق ڏني جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ جي باني بشريٰ بي بي جي عدت گذرڻ کان اڳ ئي نڪاح ڪري ورتو ٻئي طرف اسلام آباد جي عدالت غير شرعي نڪاح ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ تي لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. حڪم نامي موجب گواهه مفتي سعيد، عون چوڌري ۽ محمد لطيف جا بيان اهڙن بيانن جي سپورٽ ڪن ٿا. گواهن جي بيانن جي روشني ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڏوهه ڪيو آهي. عدالت ان نتيجي تي پهتي آهي ته ٽرائيل جي شروعات لاءِ مناسب گرائونڊ موجود آهي.