اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ مسلم ليگ(ن) جي وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي. صحافين سان ڳالهين دوران فواد چوڌري چيو ته عمران خان ۽ مسلم ليگ(ن) ڳالهين لاءِ تيار آهن، اسٽيبلشمينٽ کي گهرجي ته ماحول فراهم ڪري. هن چيو ته حڪومت ۾ ويٺل ماڻهن چيو ته پارٽي ختم ٿي ويندي، 8 فيبروري تي ماڻهن بنا چونڊ نشان جي ووٽ ڏنو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ئي تجربو هلي رهيو آهي ته عمران خان کي مائنس ڪري ملڪ هلائڻو آهي، مائنس باني پي ٽي آءِ جي چڪر ۾ سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ڪيو ويو. فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ ساڍن ٽن سالن ۾ دهشتگردي نه ٿي پر اڄ پوري طريقي سان دهشتگردي واپس اچي وئي آهي، گرينڊ سياسي ڊائيلاگ سمورن مسئلن جو حل آهي، ماڻهن کي اٿارڻ يا بندوق سان مسئلا حل نه ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن منهنجي ۽ پي ٽي آءِ باني جي خلاف توهين جي ڪارروائي ڪري رهيو آهي اسان جي لاءِ به دل وڏو ڪيو وڃي. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ جاري ميچ جي حوالي سان هن چيو ته هاڻ دعا ئي ڪري سگهجي ٿي ته بنگلاديش وارن کي بال نظر اچڻ بند ٿي وڃي جيڪا اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي آهي ساڳئي ڪارڪردگي حڪومت جي آهي.