عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويندڙ 3 عورتن کي گرفتار ڪيو ويو

تفصيل موجب ايف آءِ اي اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي عمري جي آڙ ۾ بهک مانگڻ جي ڪوشش ڪندڙ 3 عورتن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار عورتن وٽ واپسي جي ٽڪيٽ، هوٽل جي بکنگ نه هئي. ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورتن وٽ عمري جي ادائيگي لاءِ رقم نه هئي، گرفتار جوابدارن کي اينٽي هيومن اسمگلنگ سرڪل منتقل ڪيو ويو آهي.