نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد چيو آهي ته امن امان جي صورتحال سبب چونڊن ۾ دير نه ٿيندي. چونڊون مقرر وقت تي 8 فيبروي تي ٿينديون. آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي فواد حسن فواد چيو ته چونڊون ملتوي ٿيڻ جون خبرون صحيح نه آهن فواد حسن فواد چيو ته عوام افواهن تي ڌيان نه ڏئي چونڊون 8 فيبروري تي ٿينديون. فواد حسن فواد چيو ته آئين ۽ قانون کي ڏسندي چونڊن ۾ دير جي گنجائش نه آهي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي خدشن تي سپريم ڪورٽ يا اليڪشن ڪميشن وڃي سگهي ٿوھن چيو ته لاڏلي ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جا بيان سياسي بيان آهن. نگران حڪومت غير جانبداري سان سمورا معاملا انجام ڏئي رهي آهي. سياسي پارٽيون الزامن جي بجاءِ چونڊ منشور تي ڌيان ڏين هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف جي لاڏلي هجڻ جو بيان سياسي بيان آهي. نوازشريف سان سرڪاري حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ سان وابستگي رهي آهي انهي جي سياسي ايجنڊا سان اتفاق نٿو ڪريان نگران وزير پنهنجي انٽرويو ۾ وڌيڪ چيو ته افغان شهرين جي واپسي تي نظر ثاني نه پئي ڪئي وڃي. پوري ڪوشش آهي ته پي ٽي آءِ جي نجڪاري ڪئي وڃي.