عوام جي لاءِ ٻيهر پيٽرول بم تيار، 15 روپيه في ليٽر واڌ جو امڪان

ايندڙ هفتي پيٽروليم شيون في ليٽر 15 روپين تائين مهانگيون ٿيڻ جو امڪان آهي هڪ هفتي دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جو تيل 5 ڊالر في بيرل مهانگو ٿي چڪو آهي. هڪ نجي ٽي وي جي رپورٽ موجب عالمي مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جون قيمتون مهانگيون ٿيون آهن جنهن سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جي نئين طوفان جا خدشا جنم وٺي رهيا آهن ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ لاٿ نه ٿي ته 16 سيپٽمبر کان پيٽروليم شين جون قيمتون وڌيڪ وڌي سگهن ٿيون. رپورٽ موجب گلف مارڪيٽ ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمت 88 ڊالر في بيرل کان وڌي 93 ڊالر تائين پهچي وئي آهي.