پنجاب حڪومت عوام کي وڏو رليف ڏيندي ماني جي قيمت 4 روپيه گهٽ ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ(ايڪس) تي اعلان ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف چيو ته اڄ کان ماني جي قيمت 20 روپين کان گهٽ ڪري 16 روپيه في ماني مقرر ڪئي وئي آهي مريم نواز پنجاب جي سمورن ضلعن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته اڄ کان ماني 16 روپين ۾ وڪرو ٿيندي.پنهنجي پيغام ۾ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوازشريف لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته انهي فيصلي تي سختي سان عمل يقيني بنايو وڃي، هن چيو ته رب پاڪ عوام جي لاءِ وڌيڪ آسانيون فرمائي.