پشاور (ويب ڊيسڪ): عيدالاضحيٰ جي موقعي تي خيبرپختونخوا جي صحت کاتي سڄي صوبي ۾ هاءِ الرٽ جاري ڪندي سڀني سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي سروسز 24 ڪلاڪ فعال رکڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ خاص ڪنٽرول روم پڻ قائم ڪيو ويو آهي۔
صحت کاتي پاران جاري ڪيل مراسلي موجب سمورن ضلعي هيلٿ آفيسرن، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽن ۽ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اڄ کان 31 مئي تائين مؤثر ڊيوٽي روسٽر فوري طور تي تيار ڪيا وڃن ۽ ڪنهن به عملي جي غيرحاضري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔
مراسلي ۾ چيو ويو آهي ته عيد جي موڪلن دوران سڀئي صحت جون سهولتون مڪمل طور تي فعال رهنديون ۽ ايمرجنسي وارڊن ۾ ميڊيڪل ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي مڪمل موجودگي يقيني بڻائي ويندي۔
صحت کاتي ٽريفڪ حادثن ۽ ٻين هنگامي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسپتالن جي ايمرجنسي يونٽن ۾ اضافي عملي جي مقرري، ضروري دوائن ۽ طبي سامان جو وافر ذخيرو موجود رکڻ جون به هدايتون جاري ڪيون آهن۔
ان کان علاوه ڊائريڪٽر جنرل هيلٿ آفيس ۾ هڪ خاص ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، جيڪو اڄ کان 31 مئي تائين روزانو صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين فعال رهندو۔ ڊاڪٽر فضل رحمان کي ڪنٽرول روم جو فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي۔
صحت کاتي شهرين جي سهولت لاءِ هنگامي صورتحال يا شڪايتن جي اندراج لاءِ هيلپ لائين نمبر 091-9210851 پڻ جاري ڪيو آهي۔
اختيارين جو چوڻ آهي ته عيدالاضحيٰ دوران عوام کي بهتر ۽ بروقت طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ لاڳاپيل ادارا ڪنهن به ممڪن هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن۔