غزه جي پٽي تي اسرائيلي فوجي ڪاررواين کي هڪ هزار ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ ويڙهه، فضائي حملا ۽ انساني بحران اڃا تائين جاري آهي.7 آڪٽوبر 2023 کان شروع ٿيل جنگ کان پوءِ غزه ۾ وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ڪيترن ئي علائقن ۾ رهائشي عمارتون، بنيادي ڍانچو ۽ عوامي سهولتون سخت متاثر ٿيون آهن، جڏهن ته لکين ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏڻ تي مجبور ٿيا آهن. عالمي برادري ۽ ڪيترن ئي ملڪن طرفان جنگبندي ۽ انساني امداد جي فراهمي جا مطالبا پڻ بار بار ڪيا ويا آهن.ٻئي طرف والاريل اولهه ڪناري ۾ به ڇڪتاڻ برقرار آهي. تازي رپورٽن موجب جنين ڀرسان فلسطيني زمينن تي بلڊوزر هلايا ويا، جتي لڳ ڀڳ 500 زيتون جا وڻ پاڙان پٽي ڪڍيا ويا.رپورٽن موجب سال 2020 کان هينئر تائين والاريل اولهه ڪناري ۾ هڪ لک 20 هزار کان وڌيڪ زيتون جا وڻ يا ته ڪٽيا ويا آهن يا مختلف طريقن سان تباهه ڪيا ويا آهن.انساني حقن بابت رپورٽن مطابق هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۽ آبادڪارن جي حملن ۾ 11 فلسطيني مارجي ويا، جڏهن ته 866 فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 35 ٻار ۽ 21 عورتون پڻ شامل آهن.غزه ۾ انساني صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي. 20 لک کان وڌيڪ فلسطيني خوراڪ، صاف پاڻي، طبي سهولتن ۽ رهائش جهڙين بنيادي ضرورتن جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته وڏي انگ ۾ خاندان بي گهر ٿي چڪا آهن.