غزه ۾ گڏيل قومن جي اسڪول تي اسرائيلي بمباري، 50 فلسطيني شهيد

فلسطين ۾ غزه جي علائقي جباليه ۾ قائم گڏيل قومن جي اسڪول الفخوره ۾ قائم پناهگيرن جي ڪيمپ تي اسرائيلي فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 فلسطيني شهيد ٿي ويا جنهن ۾ هڪ ئي خاندان جا 32 ماڻهو شامل آهن جن ۾ 19 ٻار به شامل آهن عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب بمباري جو شڪار اسڪول گڏيل قومن جي انتظام هيٺ آهي. اسرائيلي جهازن رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي اتر غزه ۾ جباليه پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ واقع الفخوره اسڪول کي نشانو بنايو جتي جنگ کان بچڻ لاءِ فلسطينين پناهه ورتي هئي. شهيد ٿيلن ۾ وڌيڪ انگ ٻارن ۽ عورتن جو آهي سوشل ميڊيا تي اسرائيلي بمباري کان پوءِ رت سان ٻڏل تصويرون ۽ وڊيوز سامهون آيون، ڪمرا ۽ گهٽيون فلسطينين جي لاش سان ڀريل آهن جن ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن. پرڏيهي ميڊيا جي هڪ نمائندي ٻڌايو ته انهي اسڪول ۾ سوين ماڻهن پناهه ورتي هئي اسرائيلي فوج جي بمباري انهن کي باهه ۽ رت ۾ وهنجاري ڇڏيو.