پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار لطيف کوسه چيو آهي ته غلط فهمي ختم ڪريو پي ٽي آءِ باني کان سواءِ حڪومت ۽ جمهوريت نٿي هلي سگهي، ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي کي اوهان مائنس نٿا ڪري سگهو اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان جي پولنگ ايجنٽس کي ووٽن جي ڳڻپ دوران ٻاهر ڪڍيو ويو، چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جا هٿ پير ٻڌي جنگ جي ميدان ۾ لاٿو ويو، عوام کين ٻڌائي ڇڏيو ته ظلم جو بدلو ووٽ سان وٺنداسين عوام عام چونڊن ۾ ظلم جو بدلو ووٽ سان وٺي ڇڏيو هن چيو ته پي ٽي آءِ باني مٿان هڪ ٻئي پٺيان پابنديون لڳايون ويون، عوام ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني نه باغي آهي نه وري ڏوهاري ان کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. پي ٽي آءِ باني کي هڪ هفتي ۾ 3 سزائون ڏنيون ويون آهن، پي ٽي آءِ باني جي سزائن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. اسان آزاد نه آهيون اهو شوشو انهن ڪهڙي طرح ايجاد ڪري ڇڏيو. اسان نامزدگي ڪاغذن تي پي ٽي آءِ لکيو هو، اسان کان صرف بيٽ ورتي وئي، اسان بيٽ وٺڻ وياسين هنن سمورو جهيز جو سامان ڏئي ڇڏيو. هن اليڪشن ۾ ووٽرز پاڻ اميدوار کي ڳولي رهيا هئا پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته اسان کي آزاد چوڻ غير قانوني ۽ غير آئيني آهي، فارم 45 موجب اسان جا 170 اميدوار کٽي رهيا آهن. اسان جي گهر آهي ته آرٽيڪل 45 موجب نتيجن جو اعلان ڪريو. اين اي 163 بهاوالنگر ۾ پي ٽي آءِ پهريون نمبر ۽ مسلم ليگ ٻئين نمبر تي آهي. جيڪو 45 هزار ووٽن تان شڪست کائي رهيو آهي ان کي کٽرايو ويو آهي لطيف کوسه چيو ته خواجه سعد رفيق جمهوري روايتن کي سامهون رکندي پنهنجي شڪست کي مڃيو. خواجه سعد رفيق مون کي فون ڪري مبارڪباد ڏني. مون خواجه سعد رفيق کي چيو ته پنهنجن وڏن کي به اهڙيون روايتون ڏيو. خواجه آصف، ريحانه ڊار شڪست کائي ويا، انهن کي هاڻ شڪست مڃڻ گهرجي. خواجه آصف اسيمبلي ۾ چوندو هو ڪا شرم هوندي آهي، ڪا حيا هوندي آهي. مان خواجه آصف کي چوڻ چاهيان ٿو ته ڪا شرم هوندي آهي ڪا حيا هوندي آهي هن چيو ته اسان جا 60 رزلٽ چوري ڪري ويا انهن جا به اسان وٽ فارم موجود آهن. اسان جا 170 ماڻهو کٽي رهيا آهن، اسان جي پي ٽي آءِ ميمبرن جون پوريون 170 سيٽون آهن حيرت آهي ٻن پارٽين وچ ۾ ورهاست ٿي رهي آهي اهو جمهوريت سان ڪهڙو مذاق ٿي رهيو آهي؟ هن ملڪ جي آئين ۽ جمهوريت سان راند کيڏي پئي وڃي جن کي عوام مينڊيٽ ئي نه ڏنو آهي اهي ڪيئن ورهاست ڪري سگهن ٿا لطيف کوسه چيو ته عوام پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي. اوهان کي پي ٽي آءِ باني کي واپس آڻڻو پوندو، پي ٽي آءِ باني ئي اسان جي ملڪ جو وزيراعظم هوندو. اسان کي ڪنهن سان به ويهڻ جو مسئلو نه آهي. سياست ۾ ڪڏهن به ڳالهين جا دروازا بند نٿا ٿي سگهن. اسان سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته جمهوريت کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڳالهيون ڪريو، پاور پوليٽڪس لاءِ ڳالهائڻو آهي ته پي ٽي آءِ اهڙي سياست ناهي ڪندي. اسان اڪثريت ۾ آهيون. ڪنهن سان به اتحادي حڪومت ڇو ٺاهيون؟