غوثپورڀر سان ڳوٺ خان محمد سبزوئي ۾ بي ايس فيڊر کي 30 فٽ گهارو پئجي ويو جنهن سبب سوين ڳوٺ ٻڏڻ جو پڻ خطرو پيدا ٿي ويو آهي
ڳوٺ خان محمد سبزوئي ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ بي ايس فيڊر ۾ غير قانوني رول وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته بي ايس فيڊر کي 30 فٽ گهارو پئجي ويو جنھن سبب پاڻي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي اطلاع باوجود آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ ناهي پهچي سگهيو گهاري وارو پاڻي ڳوٺن ڏانهن وڌڻ سبب ڳوٺاڻن ۾ ڀاڄ پئجي ويو آهي ڳوٺاڻن پاران آبپاشي عملي کان گهارو بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي پر آخري اطلاعن تائين آبپاشي عملو گهاري واري هنڌ ناهي پهتو نه ئي وري گهارو بند ٿي سگهيو آهي