غوثپور شھر ڀرسان مئن بس اڏي واري علائقي ۾ ٽئڪسي اسٽينڊ ڀرسان اڻڄاتل پيرسن جو تشدد ٿيل لاش هٿ ڪيو ويو۔ شهرين جي اطلاع بعد غوثپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پوليس موبائيل ۾ کڻائي رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو لاش جي سڃاڻپ هن وقت تائين نه ٿي سگهي آهي۔ پوليس پاران وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي۔ رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته هن وقت تائين مقتول پيرسن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي۔ رات لاش سڃاڻپ لا۽ اسپتال رکيو ويندو سڃاڻپ نه ٿي ته لاوارث ڪري کيس دفنايو ويندو