غوثپور لڳ زمين تي فصل کي پاڻي ڏيندڙ ٻه ڳوٺاڻا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا

غوثپور ڀرسان تنگواني لنڪ روڊ تي جمال ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ زنگي بھلڪاڻي ۾ ڇھ اڻڄاتل ھٿياربندن زمين تي فصل کي پاڻي ڏيندڙ ٻن پورھيتن شڪيل احمد بھلڪاڻي ۽ لياقت بھلڪاڻي کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آهن اهڙو اطلاع وارثن ء پوليس کي ڏنو ويو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ ديرسان پهتي ڳوٺاڻن سان گڏجي هٿياربندن جا پيرا کنيا پيا وڃن اغوا ٿي ويل بھلڪاڻي برادري جي گهرن م قعورام مچي ويو آهي