غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن

غيرقانوني طور تي رهندڙ پرڏيهين کي پاڪستان ڇڏڻ لاءِ ڏنل مهلت جو اڄ آخري ڏينهن آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن اعليٰ اختيارين موجب غيرقانوني رهندڙ پرڏيهين کي ملڪ ڇڏڻ جي ڊيڊ لائين وڌائي نه ويندي. سيڪيورٽي فورسز ميپنگ ۽ جيو فينسنگ ڪري شڪي ماڻهن جي نشاندهي ڪري ورتي آهي. جڏهن ته ملڪ واپس ويندڙن پاڪستان جي مهمان نوازي جي تعريف پڻ ڪئي نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته لڏ پلاڻ جو معاملو غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي خلاف آهي ڪنهن مخصوص گروپ جي خلاف نه آهي. اسان جي مٿان ڪنهن به قسم جو ٻاهريون پريشر نه آهي نه ئي اسان پريشر وٺندا آهيون. دنيا جو ڪوبه ملڪ بنا ويزا جي رهائش جي اجازت نٿو ڏئي جيڪو به ويزا کان سواءِ پرڏيهي هوندو ان کي واپس اماڻينداسين نگران وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته اسان جيو فينسنگ ڪري ورتي آهي. لڳ ڀڳ 2 لک جي ويجهو پرڏيهي واپس وڃي چڪا آهن. هولڊنگ سينٽر ۾ فوڊ هيلٿ جي سهوليت ڏينداسين جنهن کي پاڪستان اچڻو آهي اهو ويزا وٺي اچي. اهو تاثر غلط آهي ته صرف افغانستان جي ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. غيرقانوني رهندڙ افغان شهرين کي ويجهن بارڊرن تائين پهچايو ويندو سرفراز بگٽي چيو ته اسان جي سياسي حڪومت نه آهي نه ئي اسان جي ڪا سياسي ايجنڊا آهي. سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي سان ڳالهين جي لاءِ اسان جي مدد جي ضرورت نه آهي. سياسي پارٽين اڃان تائين اسان سان ڪابه اهڙي خواهش ظاهر نه ڪئي آهي. شفقت محمود سان ملاقات ذاتي نوعيت جي هئي.