غيرقانوني ڀرتي ڪيس: لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري ورتي

غيرقانوني ڀرتي بابت ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي پرويز الاهي جي لاهور هاءِ ڪورٽ ضمانت منظور ڪري ورتي آهي لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير جي خلاف پنجاب اسيمبلي جي پرنسپل سيڪريٽري ڀرتي ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي پرويز الاهي کي هڪ لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ٻڌڻي دوران پرويز الاهي طرفان ايڊووڪيٽ عامر سعيد ۽ فرمان پيش ٿيا ۽ ڪيس بابت دليلن ۾ ٻڌايو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ محمد خان ڀٽي کي ڊسچارج ڪيو. پرويز الاهي جي وڏي وزير بنجڻ کان اڳ پرنسپل سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو هو درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري جو نوٽيفڪيشن چيف سيڪريٽري پنجاب جاري ڪيو. هن ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري کي ڌر ئي نه بنايو ويو اهو ڪيس سياسي بنيادن تي قائم ڪيو ويو آهي. عدالت پرويز الاهي جي ضمانت منظور ڪري آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي.