غير شرعي نڪاح ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي

غير شرعي نڪاح جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي آهي راولپنڊي جي مقامي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي سينئر سول جج قدت الله ڪئي جڏهن ته بشريٰ بي بي عدالت ۾ پيش نه ٿي عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عدالت ۾ غير موجودگي سبب ٻنهي تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهي جنهن تي بشريٰ بي بي جي وڪيلن عدالت ۾ هڪ ڏينهن جي ڇوٽ جي استدعا ڪري ڇڏي عدالت بشريٰ بي بي جي ميڊيڪل گرائونڊ تي هڪ ڏينهن جي ڇوٽ منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 15 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. هاڻ ٻنهي مٿان ايندڙ ٻڌڻي تي فرد جرم لاڳو ڪئي ويندي.